استاد بگو جروار

استاد بگو جروار

بگو جروار استاد

بگو جروار، استاد: فنڪار ۽ موسيقار، سندس اصل نالو محمد اسحاق پٽ گل محمد جروار آهي. سندس جنم 1954ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي قديم ڳوٺ بيگن جروار ۾ ٿيو. موسيقيءَ جي سکيا استاد ڏيوجي ڀڳت، استاد غفور مڱڻهار ۽ ٻين کان ورتي. سنڌ اندر ٿيندڙ ڪيترن ئي ميلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سنڌي ناچ جي به سٺي ڄاڻ اٿس. 1992ع ڌاري ’جاگيردار جو ظلم‘ جي نالي سان هڪ سنڌي فلم ۾ مُک اداڪار ۽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو اٿائين. 2004ع وارين بلدياتي چونڊن يونين ڪائونسل بيگن جروار جو ڪائونسلر منتخب ٿيو. موسيقيءَ جي فن ۾ ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا اٿس. هن وقت علائقي جي هڪ سماجي ڪارڪن طور ڪم پيو ڪري .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.00.00  عيسوي

استاد بگو جروار 1954ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي قديم ڳوٺ بيگن جروار ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرل پياسي
حاجي شفيع محمد مسجدي
علياڻي بهادر خان
گلشير راهو
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پرويز غلام احمد
پير کٿوريو
عبدالعزيز سومرو
سهجرام توشڪچي
زاهد علي ڀرڳڙي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون